افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي سربراهي ۾ طالبان جو وفد سڀاڻي پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ افغان صورتحال تي 2 ڏينهن جي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.
تفصيل موجب افغان طالبان حڪومت جو اعليٰ سطحي وفد سڀاڻي پاڪستان جو دورو ڪندو. ذريعن موجب طالبان حڪومتي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير امير خان متفقي ڪندو. طالبان وفد ۾ ان جا واپار ۽ ناڻي وارا وزير به شامل هوندا. ذريعن ٻڌايو آهي ته طالبان جو حڪومتي وفد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي.
افغان وفد افغان صورتحال تي 2 ڏينهن جو ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو. ٻن ڏينهن وارو ٽرائيڪا پلس اجلاس 11 ۽ 12 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ پاڪستان، روس، آمريڪا ۽ چين جا وفد به شرڪت ڪندا. هوڏانهن افغان پرڏيهي وزارت جي ترجمان قهار بلخي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته افغان پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ طالبان جو وفد سڀاڻي پاڪستان جو دورو ڪندو جتي اسلام آباد ۾ ملاقاتن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا، معيشت، افغان پناهگيرن بابت ڳالهيون ٿينديون.