پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام آيو ته ان جا علائقائي ۽ عالمي فائدا آهن،
جيڪڏهن افغانستان ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پاڪستان متاثر ٿيندو پر يورپ به بچي نه سگهندو، يورپ تاريخ مان سبق سکي، اهي علائقا به دهشتگردي جي ور چڙهي ويندا.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تاريخ جي غلطين کي وسارڻ نٿو چاهي.
هن چيو ته انساني بنيادن ۽ انساني قدرن کي بنياد بڻائي اسين اڳتي وڌي رهيا آهيون، دنيا جي ذميواري پاڪستان نڀائي رهيو آهي، اميد ته دنيا کي ان جو احساس ٿيندو..