بين الاقوامي

December 23, 2021 11:39 am

افغانستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنيادن تي امداد جو ٺهراءٌ منظور

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ، افغانستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنيادن تي امداد جو ٺهراءَ منظور ڪري ورتو.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم  پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سلامتي ڪائونسل جي ان ٺهراءَ جي منظوري سان پاڪستان جي موقف جي حمايت ٿي آهي.

هن چيو ته ٺهراءَ جي منظوري کانپوءِ  افغانستان کي امداد جي حوالي سان قانوني پيچيدگيون  ختم ٿي ويون آهن،

پاڪستان چوندو رهيو آهي ته افغانستان کي بنيادي ضرورت جي شين جي لاءِ امداد فراهم ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ناهي.

منير اڪرم چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءَ آمريڪا پيش ڪيو،پاڪستان، چين ۽ روس ٺهراءَ جي حوالي سان ميمبر ملڪن سان رابطا ڪيا،

هاڻ افغانستان کي ترت امداد لاءِ جمع ڪرايل رقم ادا ڪري سگهبي.

هن واضح ڪيو ته ٺهراءَ کانپوءِ  افغانستان جي لاءِ ترت وڌيڪ چار ڏهائي ٽي ارب ڊالرن جي اپيل ڪئي آهي..

وڌيڪ پڙهو: