پاڪستان

October 10, 2021 12:08 pm

افسوسناڪ خبر : ڊاڪٽر عبدالقدير خان لاڏاڻو ڪري ويو

ايٽمي سائنسدان   ڊاڪٽر عبدالقدير ڊگهي بيماري کانپوءِ اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر  عبدالقدير  جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب  کيس اسپتال آندو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڊاڪٽر عبدالقدير  کي 3 ڀيرا صدارتي ايوارڊ مليو،هن پهرين اپريل 1936 ۾ ڀارتي شهر ڀوپال ۾ جنم ورتو.

ڊاڪٽر قدير 1952 ۾ ڪراچي منتقل ٿيو، هن 1960 ۾ ڪراچي يونيورسٽي  مان ميٽالرجي ۾ ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ يورپ هليو ويو.

هن جرمني ۽ هالينڊ  مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي،1967 ۾ هالينڊ  مان ماسٽر ۽ 1972 ۾ بيلجيم  مان پي ايڇ ڊي ڪئي.

ڊاڪٽر قدير  1976 ۾ پاڪستان واپس آيو،ان وقت جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي دعوت تي پاڪستاني ايٽمي پروگرام ۾ حصو ورتو.

هن 31 مئي 1976 تي انجنيئرنگ ريسرچ ليبارٽري ۾ شموليت اختيار ڪئي،  بعد ۾ سندس اداري جو نالو ڊاڪٽر اي ڪيو خان ريسرچ ليبارٽري رکيو ويو.

ڪهوٽا ريسرچ ليبارٽري نه رڳو ايٽمي بم ٺاهيو پر پاڪستان لاءِ هڪ هزار ڪلو ميٽر پري تائين مار ڪندڙ غوري ميزائل سميت ننڍي ۽ وچولي درجي وارا ميزائل تيار ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.

14 آگسٽ 1996 ۾ کيس پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول اعزاز نشان امتياز ڏنو ويو، کيس هلال امتياز سان به نوازيو ويو..

وڌيڪ پڙهو: