پاڪستان

November 11, 2021 12:10 pm

اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کان شوڪاز نوٽس جو جواب داخل ڪرائڻ  لاءِ مھلت گهري ورتي

وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کان شوڪاز نوٽس جو جواب داخل ڪرائڻ  لاءِ مھلت گهري ورتي.

اليڪشن ڪميشن  ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي پيش ٿيو، هن سان گڏ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ڪارڪن به موجود هئا، جيڪي روسٽرم تي اچي ويا، جن کي اليڪشن ڪميشن پوئتي هٽائي ڇڏيو.

ٻڌڻي شروع ٿيندي اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو ته اڄ اعظم سواتي تي فرد جرم لاڳو ڪري ٿا ڇڏيون.

اعظم سواتي  موقف اختيار ڪيو ته شوڪاز جو جواب نه ڏنو آھي،جواب داخل ڪرڻ کان سواءِ فرد جرم ڪيئن لاڳو ڪندا.

اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو ته شوڪاز جي جواب کانسواءِ به فرد جرم لاڳو ٿي سگھجي ٿو.

اليڪشن ڪميشن  اعظم سواتي  کي جواب داخل ڪرائڻ جي مھلت ڏيندي ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: