پاڪستان

تازه خبرون

November 10, 2021 12:55 pm

اطلاع آهن ته رياست ڪنهن دهشتگرد ٽولي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي : سپريم ڪورٽ جو وزير اعظم کان پڇاڻو

سـُپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ڪيس ۾ وزير اعظم عمران خان کي  اڄ ئي  طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ اي پي ايس سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت  سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ اربين رپيا انٽيليجنس تي خرچ ٿيندا آهن.

چيف جسٽس چيو ته دعويٰ ڪريو ٿا ته اسان دنيا جي بهترين انٽيليجنس آهيون، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته انٽيليجنس ڪيڏانهن هلي ٿي وڃي؟.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته انٽيلجنس تي ايترو خرچ ٿيڻ باوجود نتيجو ٻُڙي آهي، پنهنجي ٻارن کي ائين مرڻ نه ڏينداسين.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته اصل ۾ ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، سپاهين ۽ چوڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪري جان ڇڏايو ٿا.

اٽارني جنرل چيو ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف جاچ ۾ ڪا به فائنڊنگ ثابت ناهي.

جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان حمايت حاصل نه هجي.

ٻڌڻيءَ دوران بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو به ذڪر آيو،  اطلاع آهن ته رياست ڪنهن دهشتگرد ٽولي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، ڇا اصل جوابدارن کي پڪڙڻ رياست جو ڪم ناهي..

وڌيڪ پڙهو: