ڪيٿولڪ مسيحن جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس چيو آهي ته خوبصورتي سچائي جي جڙن مان ڦٽي نڪرندي آهي،
خوبصورتي جي اهميت کان واقف رهڻ گهرجي،اصل خوبصورتي ڪنهن جي حليئي يا سجاوٽ مان نه پر سٺائي، سچائي ۽ انصاف جي پاڙن مان ڦٽندي آهي.
وينٽي ڪن سٽي ۾ نئين آرٽ گيلري جو افتتاح ڪندي پوپ فرانسس چيو ته انسان جي دل صرف اهڙيون شيون نٿي چاهي، جيڪي فوري بقا لاءِ ضروري هجن.
هن چيو ته انسان اهڙي تهذيب چاهي ٿو، جيڪا روح کي گرمائي ڇڏي ۽ عظمت جي معراج کي ڇهي.
پوپ فرانسس چيو ته اسان کي اهڙي خوبصورتي گهرجي جيڪا ڪجهه ماڻهن جي طاقت جي علامت نه پر اسان سڀني جي سڃاڻپ سان گڏ بهادري جو اظهار هجي..