سنڌ

January 4, 2022 12:21 pm

اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ريفرنس جي شاهد وٽ دستاويز نه هجڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،

عدالت هڪ جوابدار گلزار احمد کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،

آغا سراج دراني چيو آهي ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب سنڌ اسيمبلي جو تقدس پائمال ٿي رهيو آهي،

اڪثريتي پارٽي قانون پاس ڪرائيندي آهي ان ۾ نه اسيمبلي نه ئي اسپيڪر جو ڏوهه آهي،

جماعت اسلامي کي سنڌ اسيمبلي بدران سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو ڏيڻ گهرجي.

ڪراچي جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي.

نيب آغا سراج دراني کي احتساب عدالت پهچايو، جڏهن ته ريفرنس ۾ نامزد ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران هڪ جوابدار گلزار احمد عدالت کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ اجازت ڏيڻ جي درخواست ڏني جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.

ريفرنس جي شاهد افضل حسين وٽ اصل دستاويز نه هجڻ سبب سندس بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو ، جنهن سبب عدالت ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: