تازه خبرون

ڪاروبار

November 9, 2021 4:15 pm

اسٽيٽ بئنڪ نوٽن جي نئين ڊيزائن بابت خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسٽيٽ بئنڪ ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن بابت خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن جي باري ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن، اهڙين خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي.

اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊزائين جي هن وقت ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي اسان واضح طور تي اهڙين خبرن جي ترديد ڪريون ٿا.

وڌيڪ پڙهو: