پاڪستان

December 10, 2021 12:01 pm

اسين ملڪ ۾ پرامن ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون : بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي،

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو فرض نڀائڻو پوندو.

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ جمهوريت کي مضبوط ۽ جمهوري روايتن کي هٿي ڏيارڻ گهرجي،

حقيقي جمهوري معاشرن ۾ انساني حقن تي مصلحت جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي لاءِ عنصر هر هنڌ موجود آهن،

ملڪ جي موجوده صورتحال جو سبب ڊگهي وقت کان آمرن ۽ انهن جي ڪٺ پتلين جو اقتدار ۾ رهڻ آهي.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسين ملڪ ۾ پرامن ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون، هڪ اهڙو ماحول جتي هر شهري سان رنگ، نسل، مذهب ۽ صنف جي بنياد تي ورتاءُ نه ٿيندو هجي..

وڌيڪ پڙهو: