پاڪستان

January 3, 2022 12:35 pm

اسلام آباد ۾ ريحام خان جي گاڏيءَ کي اڻڄاتل هٿياربندن پاران روڪڻ جي ڪوشش

اسلام آباد ۾ ريحام خان جي گاڏيءَ کي اڻڄاتل هٿياربندن پاران روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس موجب گاڏيءَ ۾ ريحام خان سوار نه هئي.

پوليس ذريعن موجب آءِ جي پي روڊ تي ريحام خان جي گاڏيءَ کي هٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هـُوءَ پاڻ سوار نه هئي.

ريحام خان جي پرسنل سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هوءَ هري پور کان اسلام آباد پهتي هئي، جنهن کي رهائشگاهه تي ڇڏي واپس ٿياسين ته هٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ريحام خان واقعي جي جاچ ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ شمس ڪالوني ٿاڻي تي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي…

وڌيڪ پڙهو: