اهم خبرون

پاڪستان

February 9, 2023 7:27 pm

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف نااهلي ڪيس ۾ اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف نااهلي ڪيس ۾ اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت عمران خان کي نامزدگي ڪاغذن ۾ سندس مبينا ڌيءَ ٽيريان وائيٽ جو ذڪر نه ڪرڻ تي نااهلي جي درخواست تي ايندر ٻڌڻي کان اڳ پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بئنچ شهري محمد ساجد جي درخواست تي عمران خان خلاف نااهلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

لارجر بئنچ ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر شامل آهن، لارجر بئنچ بڻائڻ جو فيصلو سنگل بئنچ تي اعتراض بعد چيف جسٽس ڪيو هو.

عمران خان جو وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ پيش ٿيو، درخواستگذار محمد ساجد جو وڪيل سلمان بٽ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون عطا طارڙ به عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت عمران خان جي وڪيل  جي درخواست تي عمران خان طرفان اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.

واضح رهي ته شهري محمد ساجد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي الزام لڳايو آهي ته هن 2018 جي چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي مبينا ڌي ٽيريان وائيٽ جو ذڪر نه ڪيو هو.

وڌيڪ پڙهو: