پاڪستان

تازه خبرون

May 19, 2022 3:03 pm

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پنجاب جي گورنر  جي عهدي تان برطرفي  خلاف عمر سرفراز چيما جي درخواست تي اعتراض

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پنجاب جي گورنر  جي عهدي تان برطرفي  خلاف عمر سرفراز چيما جي درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي  اسسٽنٽ  رجسٽرار  درخواست تي اعتراض ڪندي ڄاڻايو ته هي معاملو پنجاب جو آهي، هن عدالت جي دائري  ۾ نٿو اچي،درخواست  جي ٻڌڻي ڪري نٿي سگهجي.

ان کان اڳ پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفرار چيما عهدي تان هٽائڻ  جي قدم خلاف  هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف  اختيار ڪيو ويو ته آئين مطابق گورنر  صوبي ۾ صدر جو ايجنٽ آهي ۽ ايگزيڪيوٽو  جو حصو ناهي.

وزيراعظم  پٽ کي فائدو پهچائڻ لاءِ  گورنر کي غير قانوني طور عهدي تان هٽايو.

وڌيڪ پڙهو: