پاڪستان

تازه خبرون

November 15, 2021 5:12 pm

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان بابت خبرن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ مريم نواز جي اپيلن تي گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج جي انڪشافن جو نوٽيس ورتو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي دوران نوٽيس وٺندي اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان رانا شميم کي سڀاڻي صبح ساڍي 10 وڳي طلب ڪري ورتو.

عدالت ايڊيٽر ان چيف، ايڊيٽر ۽ صحافي انصار عباسي کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جو نالو سامهون اچڻ تي عدالت نوٽيس ورتو.

 

لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان جا انڪشاف ٻڌڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار آفيس دي نيوز ۾ شايع ٿيل خبر ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، دي نيوز ۾ شايع ٿيل خبر التوا واري ڪيس سان لاڳاپيل آهي، عدالت کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي ٽرائل عدالتي ڪارروائي کي متاثر ڪرڻ جي مترادف آهي.

لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته دي نيوز ۾ شايع ٿيل خبر التوا واري ڪيس کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

لکت واري حڪم موجب گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جسٽس راڻا محمد شميم، ايڊيٽر ان چيف آف دي نيوز، ايڊيٽر ان چيف آف دي نيوز ۽ ايڊيٽر انچيف آف انويسٽيگيشن انصار عباسي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ گهرجن.

عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي به ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو.

لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سموريون ڌريون پيش ٿين ۽ وضاحت ڪن ته توهان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي.

چيف جسٽس اطهرمن الله سڀاڻي 10:30 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

وڌيڪ پڙهو: