سکر جي احتساب عدالت ڪڻڪ گهوٻين واري ريفرنس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر نذر جکراڻي کي 7 سال قيد ۽ 6 ڪروڙ 31 لک 570 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
سکر جي احتساب عدالت خوراڪ کاتي جيڪب آباد ۾ ٿيل ڪڻڪ گهوٻين خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
عدالت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي نذر جکراڻي کي 7 سال قيد ۽ 6 ڪروڙ 31 لک 570 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
نيب سکر خوراڪ کاتي جيڪب آباد ۾ ڪڻڪ ۾ ٿيل ڪرپشن خلاف جاچ مڪمل ڪري نيب ريفرنس داخل ڪرايو هو..