بين الاقوامي

December 12, 2021 2:36 pm

اسرائيلي وزير دفاع جو فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم

اسرائيلي وزير دفاع جو فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم

اسرائيلي وزير دفاع بني گينزلبو امريڪي دوري تي آهي جتان هو امريڪا سان ملي ايران تي دٻاءٌ وجهڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ،

اسرائيلي ميڊيا موجب وزير دفاع بني گينزلبو فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ،

جنهن جي آگاهي امريڪي وزير دفاع لائيڊ آسٽن کي پڻ ڏني وئي آهي،

اسرائيلي وزير دفاع جو چوڻ هو ته دنيا جو ايران سان جوهري معاملن تي ڳالهين جو ڪو به نتيجو ناهي نڪتو ۽ عالمي برادري کي پتو پئجي ويو آهي ته ايران سندن سان راند کيڏي رهيو آهي،

اسرائيلي وزير دفاع جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايراني فوج تي دٻاءٌ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ صيهوني فوج کي ايران تي حملي لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي..

وڌيڪ پڙهو: