پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي صدر سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جا ڪيترائي مائٽ سمجهدار آهن، جن ۾ اسان جو اميدوار اسد نيازي به شامل آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اسان جو اميدوار اسد نيازي اصل ۾ عمران خان نيازي جي ناڪامي کان بچي ويو آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي 2018ع ۾ به اسد نيازي کي ٽڪيٽ ڏني هئي پر سندس ڪاغذ رد ڪيا ويا.
پ پ ڪراچي جي صدر وڌيڪ چيو ته 16 مارچ جي شام جڏهن نتيجا ايندا ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.
هن چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي دوستن جي مسئلن کان آگاهه آهي، هو اسان کي پنهنجين خامين جو نشانو نه بڻائن.
سعيد غني اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم هر جاءِ تي تڪ بندين خلاف وئي، تڪ بنديون اسان نه پر اليڪشن ڪميشن ٺاهي، مان تڪ بنديون نه ٿو هٽائي سگهان، اليڪشن ڪميشن ۾ وڃو.