سنڌ جي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاري جي اڄ 29 ورسي ملهائي پئي وڃي، سرڪاري سطح تي ڪابه تقريب نه رٿي وئي وئي،
سنڌ جي ثقافت کاتي سدا حيات عوامي شاعر استاد بخاري کي وساري ڇڏيو، سندس ياد ۾ ڪابه تقريب نه ڪوٺائي آهي پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ استاد جا پرستار کيس گلن ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آھن.
استاد بخاري جي ورسي جي موقعي تي دادو ۾ مُک تقريب ڪوٺائي وئي آهي، جيڪا ضلع ڪائونسل لان ۾ ٿيندي
ورسي تقريب ۾ ناميارا راڳي ممتاز لاشاري، رجب فقير، برڪت علي، قادر سنڌي، ٻالڪ سنڌي ۽ ٻيا فنڪار، شاعر ۽ اديب استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪندا.