ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مڪاني ادارا جمهوريت لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، موجودهه حڪومت ان تي ڪيترائي حملا ڪيا آهن.
سعد رفيق چيو ته دنيا جو ڏکيو ڪم مڪاني نمائندو ٿيڻ آهي، مڪاني ادارن جي بحالي کانپوءِ اميد آهي ته انهن کي پورو وقت ملندو.
ريلوي جي اڳوڻي وزير چيو ته شهباز شريف لاهور کي صاف سٿرو رکيو هو، پر موجودهه حڪمران شهر کي گند جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته ڪراچي وارا لاهور جو مثال ڏيندا هئا، اسان احتجاج، جلائو گهيرائو ۽ جٿن جي سياست جي حمايت نٿا ڪريون.
سعد رفيق چيو ته وزير اعظم چوندو آهي ته انهن جو آواز بڻجو، جن جو ڪوبه ناهي.
هن چيو ته حڪمرانن جو ڪوڙ وائکو ٿي ويو آهي..
ن ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان سدائين اپوزيشن جي پير تي ڪهاڙو هڻندو رهيو آهي پر اسان موجوده صورتحال ۾ فائدو ناهي ورتو،
وڳوڙن وارن احتجاج تي يقين نٿا رکون، موجوده صورتحال مان خوش ناهيون، خواهش آهي ته حڪومت ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿين،
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جي ڪري رياست کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي،
قومي سلامتي جا معاملا بحث هيٺ ناهن آندا ويندا، ڏار پيدا ٿيا آهن پر معاملا هلن پيا..