سـُپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ملوث جوابدارن جو تعين ڪري چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،
عدالت سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت وزيراعظم جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته سانحي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي ۽ ان جي رپورٽ به اچي وئي.
چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ اي پي ايس سانحي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت والدين جو موقف وٺڻ بعد اي پي ايس سانحي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري.
وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.
عدالت پنهنجي 20 آڪٽوبر واري حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اي پي ايس سانحي ۾ دهشتگردن اسان جي ٻارن کي ذبح ڪيو، اسان ڪجهه نه ڪيو،
ان وقت جي حڪومت، فوج ۽ انٽيليجنس ادارا مراعتون ۽ گارڊ آف آرنر وٺي هليا ويا.
عدالت پڇيو ته ڇا اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف ڪيس داخل ٿيو؟.
جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته اربين رپيا انٽيليجنس تي خرچ ٿيندا آهن، دعويٰ ڪريو ٿا ته اسان دنيا جي بهترين انٽيليجنس آهيون، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته انٽيليجنس ڪيڏانهن هلي ٿي وڃي؟.
چيف جسٽس ڄاڻايو ته انٽيليجنس تي ايترو خرچ ٿيڻ باوجود نتيجو ٻُڙي آهي.
چيف جسٽس چيو ته اصل ۾ ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، سپاهين ۽ چوڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪري جان ڇڏايو ٿا.
اٽارني جنرل چيو ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف جاچ ۾ ڪا به فائنڊنگ ثابت ناهي.
جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته اهو ممڪن ناهي ته دهشتگردن کي اندر کان حمايت حاصل نه هجي..
چيف جسٽس چيو ته جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو انھي جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪوبه انھن وارثن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، جيڪي ايجنسي عھديدار ھئا اھي رعايتون وٺي رٽائرڊ ٿي ويا ..