سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي ايجنٽ مافيا پاران مستحق عورتن جي قسط مان ڪٽوتين جو سلسلو جاري آهي،
ڪنڊيارو جو احساس ڪفالت سينٽر ٽن ڏينهن کان بند آهي، ڀٽ شاهه ۾ انتظاميا ڪارروائي ڪري چئن ايجنٽن کي گرفتار ڪري ورتو، ٽنڊو باگو ۾ به سول جج پاران ڪفالت سينٽر تي ڇاپو هنيو ويو.
ڪنڊيارو جو احساس ڪفالت سينٽر گذريل ٽن ڏينهن کان بند آهي جنهن سبب پري پري کان ڀاڙا ڀري ايندڙ مستحق عورتون سخت پريشان آهن.
عورتن جو چوڻ آهي ته احساس ڪفالت سينٽر جا ايجنٽ ٽن ڏينهن کان گم آهن، پر کين ڪابه آگاهي نٿي ڏني وڃي، هو ڀاڙا ڀري پريشان ٿي ويون آهن.
عورتن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته احساس ڪفالت سينٽر کي فوري کوليو وڃي.
ٻئي طرف ڀٽ شاهه جي احساس ڪفالت سينٽر تي ناجائز ڪٽوتين جي شڪايتن تي اي سي هالا پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪري چئن ايجنٽن کي گرفتار ڪري ورتو.
اي سي چيو ته ڏيتي ليتي وارن الزامن ۾ ڪابه صداقت ناهي، جيڪي ايجنٽ مستحقن جي قسط مان ڪٽوتي ڪندا، انهن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري ويندي.
ٽنڊوباگو ۾ به سول جج دين محمد مگسي احساس ڪفالت سينٽر تي ڇاپو هنيو ۽ عورتن کان ڪٽوتي بابت معلومات ورتي.
ان موقعي تي سول جج چيو ته جنهن به ڊوائيس هولڊر عورتن جي پئيسن مان ڪٽوتي ڪئي، ان کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو..