اهم خبرون

پاڪستان

April 23, 2022 7:46 pm

اتر وزيرستان  ۾ افغانستان مان  سرحد پار  کان دهشتگردن  فائرنگ  ڪئي، جنهن  دوران  3 جوان شهيد ٿي ويا

اتر وزيرستان  ۾ افغانستان مان  سرحد پار  کان دهشتگردن  فائرنگ  ڪئي، جنهن  دوران  3 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب دهشتگردن سان ويڙهه ۾  حوالدار تيمور، نائيڪ شعيب ۽ سپاهي  ثاقب  شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر  مطابق دهشتگردن  اتر وزيرستان جي علائقي ديواگر ۾ سيڪورٽي فورسز  کي نشانو بڻايو.

پاڪ فوج جي ترجمان مطابق دهشتگردن پاران افغان ڌرتي کي استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا،اميد آهي ته افغان حڪومت مستقبل ۾ اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي.

آءِ ايس پي آر مطابق  پاڪ فوج  دهشتگردي جي لعنت  جي خلاف ملڪي سرحدن جي دفاع جي لاءِ پڪو پهه  ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان چيو ته اسان جي بهادر جوانن جي قربانين  اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: