بين الاقوامي

تازه خبرون

November 6, 2021 4:51 pm

آمريڪا ۾ ڪنسرٽ دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هوسٽن ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا.

آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب هوسٽن ۾ ٽين سالياني ايسٽرو ورلڊ فيسٽيول دوران ڀاڄ پئجي وئي.

مقامي انتظاميا موجب ميوزڪ فيسٽيول ۾ لڳ ڀڳ 50 هزار ماڻهو موجود هئا ۽ ڀاڄ ان وقت لڳي جڏهن ماڻهن اسٽيج جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڀاڄ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين کي طبي امداد لاءِ مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: