بين الاقوامي

تازه خبرون

November 4, 2021 6:22 pm

آمريڪا جي آئل ٽينڪر تي قبضي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي: ايران دعويٰ

ايران هڪ آئل ٽينڪر اغوا ڪرڻ جي آمريڪي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايراني ميڊيا هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي فوج عمان جي پاڻي ۾ ايراني تيل جي هڪ ٻيڙي کي پڪڙي ورتو آهي ۽ تيل کي ٻئي ٽينڪر ۾ منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي.

ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني بحريه بروقت ڪارروائي ڪندي هيلي ڪاپٽر جي مدد سان چوري ٿيل جهاز کي ايراني پاڻي ۾ واپس آندو.

ايراني ميڊيا موجب آمريڪي فوج هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان تعاقب ڪيو ۽ جنگي جهاز رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ناڪام بڻايو ويو.

ايراني ميڊيا هاڻي دعويٰ ڪئي آهي، پينٽاگون اهلڪارن جو حوالو ڏيندي، ته آمريڪي بحريه صورتحال جي نگراني ڪري رهي هئي پر ايراني اهلڪارن کي چئلينج نه ڪيو.

وڌيڪ پڙهو: