پاڪستان

November 1, 2021 1:18 pm

آصف علي زرداري، نواز شريف، مريم نواز ۽ ٻين سياستدانن کي هاڻ ڪو رليف نه ملندو

مني لانڊرنگ ڪيسز کي منهن ڏيندڙ آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ ٻين سياستدانن کي هاڻ ڪو به رليف نه ملندو،

صدر عارف علوي ٽيون نيب ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو، مني لانڊرنگ بابت 6 آڪٽوبر کان پهريان شروع ڪيسز اڳوڻي آرديننس تحت جاري رهي سگهندا.

صدر مملڪت عارف حسين علوي ٽيون نيب ترميمي آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب جعلي اڪائونٽس ڪيسز پراڻي آرڊيننس تحت جاري رهي سگهندا.

آرڊيننس 6 آڪٽوبر کان لاڳو هوندو، عوام سان فراڊ ۽ دوکيبازي جي ڪيسز جو اختيار به نيب کي ڏنو ويو آهي.

نئين نيب آرڊيننس تحت نيب آرڊيننس تحت نيب چيئرمين جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو، کيس عهدي تان هٽائڻ جو اختيار صدر کي هوندو، نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اهو ئي بنياد هوندو، جيڪو سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ آهي، پهريان نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار  سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڏنو ويو هو.

نيب آرڊيننس موجب مني لانڊرنگ بابت 6 آڪٽوبر کان پهريان شروع ڪيسز اڳوڻي آرڊيننس تحت جاري رهي سگهندا، مچلڪن عيوض ضمانت جو اختيار به عدالت کي ڏنو ويو آهي، پهرين ترميمي آرڊيننس ۾ ڏوهه جي ماليت جي برابر مچلڪا جمع ڪرائڻ جو شرط رکيو ويو هو.

نئين آرڊيننس کانپوءِ مني لانڊرنگ ڪيسز کي منهن ڏيندڙ آصف علي زرداري، نواز شريف، مريم نواز ۽ ٻين سياستدانن کي هاڻ ڪو رليف نه ملندو..

وڌيڪ پڙهو: