آسٽريليا خلاف تاريخي ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو،
جڏهن ته ثقلين مشتاق کي هيڊ ڪوچ ۽ آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر شان ٽيٽ کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
پي سي بي پاران اعلانيل اسڪواڊ مجموعي طور تي 21 رانديگرن تي ٻڌل آهي، جن ۾ 5 رانديگرن کي زيزرُو طور شامل ڪيو ويو آهي.
پي سي بي موجب بابر اعظم آسٽريليا خلاف تاريخي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان نائب ڪپتان هوندو.
ان کان علاوه عبدالله شفيق، اظهر علي، امام الحق، حسن علي ۽ محمد نواز به اسڪواڊ جو حصو هوندا،
جڏهن ته نعمان علي، ساجد خان، سعود شڪيل، شاهين آفريدي، شان مسعود ۽ زاهد محمود ڀٽي کي به شامل ڪيو ويو آهي.
ريزروُ رانديگرن ۾ ڪامران غلام، محمد عباس، نسيم شاهه، سرفراز احمد ۽ ياسر شاهه شامل آهن.
پي سي بي موجب ثقلين مشتاق کي 12 مهينن لاءِ هيڊڪوچ مقرر ڪيو ويو،
آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر شان ٽيٽ کي بالنگ ۽ محمد يوسف کي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.