رانديون

March 8, 2022 1:07 pm

آسٽريلوي ٽِيم پاڪستان جي وومن ٽيم کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ ۾ جاري وومنز ڪرڪيٽ ورلڊ هڪ اهم ميچ ۾ آسٽريلوي ٽِيم پاڪستان جي وومن ٽيم کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

آسٽريلوي ٽِيم ٽاس کٽي پهرين پاڪستان وومنز ٽِيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

قومي وومن ٽيم مقرره 50 اوروس ۾ 6وڪيٽن جي نقصان تي 190رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾  ڪپتان بسمعه معروف 78رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهي،جڏهن ته عاليا رياض 53رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽر رهي.

آسٽريلوي ٽيم پاران الانا ڪنگ ٻه ،جڏهن ته ميگن اسڪاٽ، اليسي پيري، امانڊا ۽نڪولس ڪيري هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آسٽريلوي وومن ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پاران مليل 191جو ٽارگيٽ 34ڏهائي 4 اوورس ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ ايلسا هيلي 72، رچرڊ هائينز 34۽ ميگ ليننگ 35رنز اسڪور ڪري نمايا بيٽر رهيو.

پاڪستان پاڪستان وومن ٽِيم پاران عميمه سهيل ٻه، جڏهن ته ناشرا سنڌو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

وڌيڪ پڙهو: