تازه خبرون

رانديون

November 8, 2021 5:52 pm

آسٽريلوي ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندي، شيڊيول جاري

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 1998ع کانپوءِ پهريون ڀيرو آسٽريليا جي پاڪستان دوري جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل شيڊول موجب آسٽريلوي ٽيم ايندڙ سال مارچ کان اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي.

پي سي بي موجب دوري ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽيسٽ، ٽي ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل کيڏي ويندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچون ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽي 20 ميچ لاهور ۾ کيڏيا ويندا.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نک هاڪلي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ آپريشنز، سيڪيورٽي، لاجسٽڪ ۽ ڪوڊ پروٽوڪول جي حوالي سان شين کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

نڪ هولي چيو ته رانديگرن جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ دوري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پي سي بي ۽ ٻين ايجنسين سان گڏجي ڪم ڪنداسين.

ياد رهي ته آسٽريليا آخري ڀيرو 1998 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو هو ۽ ڪينگروز 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-0 تان کٽي هئي.

وڌيڪ پڙهو: