بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان ، جيڪو منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار هو ، ان کي 20 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق آريان خان کي نارڪوٽڪس ڊرگس اينڊ سائڪٽو ٽروپڪ سبسٽنسز (اين ڊي پي ايس) ايڪٽ جي چئن سيڪشن تحت گرفتار ڪيو ويو آهي ، جنهن تحت اداڪار جي پٽ کي 20 سالن تائين جيل ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب ، آريان خان کي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (NCB) جي NDPS ايڪٽ 1985 جي سيڪشن 8C ، 20B ، 27 ۽ 35 تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن جو چوڻ آهي ته آرين کي 20 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن الزام سچا آهن.
ياد رهي ته آريان خان کي اين سي بي 2 آڪٽوبر تي سمنڊ تي هڪ ڪروز شپ پارٽي دوران منشيات جي استعمال جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.