منشيات ڪيس ۾ نامزد شاهه رخ خان جو وڏو پٽ آرين خان لڳ ڀڳ هڪ مهينو جيل ۾ گذارڻ بعد ڪجهه ڏينهن اڳ وطن واپس آيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب آرين خان هن وقت تائين جيل ۾ گذارڻ واري حالت مان ٻاهر نه اچي سگهيو آهي ۽ هو اڳ کان وڌيڪ خاموش ٿي ويو آهي.
رپورٽن مطابق آرين پنهنجي ويجهن دوستن سان ملڻ وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو صدمي جي حالت ۾ آهي، هو پنهنجو گهڻو وقت ڪمري ۾ گذاريندو آهي جڏهن ته شاهه رخ خان جي گهرواري گوري خان پنهنجي پٽ کي جيئرو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب آرين جو هن وقت ڪوبه ذاتي باڊي گارڊ ناهي، شاهه رخ خان هر وقت پنهنجي پٽ سان گڏ هوندو آهي جڏهن ته هن پنهنجي سموري شوٽنگ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.