آءِ سي سي وومنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽِيم هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان کي107رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم 245رنز جو ٽارگيت حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 43 اوورس ۾ 137 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان پاران سدره امين سڀ کان وڌيڪ 30رنز اسڪور ڪيون.
ڀارتي بالر راجشوري گائيڪوارڊ 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو۽ سمرتي منڌانا، اسني رانا۽بوجا جي ففٽين سبب ست وڪيٽن جي نقصان تي مقرره 50 اوورس ۾ 244رنز اسڪور ڪيو.
پاڪستان پاران ندا ڊار ۽ ناشرا سنڌهو ٻه-ٻه،جڏهن ته ڊائنا بيگ، انعم امين ۽ فاطمه ثناءِ هڪ-هڪ وڪِيٽ حاصل ڪئي.
واضح رهي ته پاڪستان وومن ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ٻي ميچ 8مارچ تي آسٽريليا خلاف کيڏندي.