آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ بعد ڊالر کي بريڪ لڳي وئي، رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ ٻن مهينن بعد تاريخي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيڻ ۽ چين سان 3 ڏهائي 3 ارب ڊالر جلد ملڻ وارين خبرن جا اثر تيزي سان سامهون اچڻ لڳا آهن.
انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر ساڍا پنج رپيا سستو ٿي 2 سئو 6 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 سئو 9 رپين کان 2 سئو 11 رپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.
گذريل ڏينهن انٽربينڪ ۾ ڊالر 45 پئسن جي اضافي سان 2 سئو 11 رپيا 93 جو ٿي ويو پر اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ساڍا 3 رپيا گهٽ ٿي 2 سئو 12 رپين تائين ٿي وئي هئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ بجيٽ جو ڪاٿو 9 ڏهائي 9 ٽرلين رپيا ٿي ويندو.