ناڻي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن،
هلندڙ هفتي معاهدو ٿي ويندو، مهانگائي عالمي مسئلو آهي، جنهن تي ضابطي لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون،
پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته دشمن ملڪ اسان جي پاڙي ۾ ويٺو آهي،
اسٽيٽ بئنڪ تي سائبر حملي سبب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ دير ٿي..
شوڪت ترين جو وڌيڪ چوڻ هو ته مهانگائي عالمي مسئلو آهي، عالمي قيمتون منهنجي ڪنٽرول ۾ ناهن، مهانگائيءَ تي ضابطي لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سي هلندڙ هفتي ئي معاهدو ٿي ويندو، تنهنڪري ملازمن جي پگهارن ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي.
سائبر حملي جي حوالي سان شوڪت ترين جو چوڻ هو ته دشمن ملڪ اسان جي پاڙي ۾ ويٺو آهي..