آءِ ايس پي آر آرمي چيف جَي امريڪي دوري بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي،
ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ٽويٽ موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير 5 کان 10 فيبروري تائين برطانيا جي دوري تي آهي،
جتي آرمي چيف پاڪ برطانيا استحڪام ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو،
آرمي چيف جي دوري بابت سوشل ميڊيا تي بي بنياد ۽ غلط خبرون پکيڙيون پيون وڃن، اهڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.